اسلام آباد-05 فيبروري (اي پي پي) انساني حقن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪ??مي??ي ڪڏهن به ڀارتي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندا ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏوگڏ معصوم ڪ??مي??ين جو آزاديءَ وارو جذبو وڌي رهيو آهي. يومِ يڪجهتي ڪ??مي?? جي موقعي تي هڪ نجي ٽي وي چينل سان خصوصي انٽرويو ۾ هن ڪ??مي??ين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ 5 فيبروريءَ جي اهميت تي زور ڀريو. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو ڪ??مي?? تڪرار جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وِجهن. هن چيو ته فوجي طاقت ذريعي ڪ??مي??ين جي آواز کي ڪچلڻ لاءِ هر وحشياڻو طريقو استعمال ڪرڻ باوجود ڀارت ڪ??مي??ين کي فتح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ انهن جي آزاديءَ وارو جذبو گذرندڙ ڏينهن سان گڏ زور وٺي رهيو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن جي پوري سياسي، مذهبي ۽ عسڪري قيادت ڪ??مي?? مسئلي تي متحد آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪ??مي?? ۽ پا??ست??ن جي عوام وچ ۾ اهڙو مضبوط رشتو آهي جو ڪوبه ڪ??مي?? ڪاز سان غداري جو سوچي به نٿو سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پا??ست??ن جي نئين حڪومت کي ڪ??مي?? مسئلي جو سڀ کان وڏو چئل??نج سامهون هوندو ۽ فوري ايڪشن وٺڻو پوندو. هن چيو ته نگران حڪومت خصوصي ڪ??مي??ي ڪميٽين سان گڏجي ڊگهي مُدي جي حڪمت عملي بڻائي رهي آهي. حڪومت ڪ??مي?? ڪاز کي اجاگر ڪيو آهي ۽ آئ??نده حڪومت به تحريڪ آزاديءَ کي ترجيح ڏي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن جي اداري ۽ انساني حقن جي ٻين تنظيمن کي ڪ??مي?? مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ڪ??مي?? جا ماڻهو غير قانوني ڀارتي ۽ والاريل ڪ??مي?? ۾ ڀارتي فوجي حملن سبب انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو شڪار آهن.