اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان معيشت کي صحيح رخ ۾ گا??زن ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ذاتي کيسا ڀرڻ بدران قومي ناڻو ڀريو پيو وڃي، اقتصادي ۽ معاشي قدمن سان سيڙپڪاري ک?? فروغ ۽ صنعتي ترقي ج?? موقعا وڌندا، هلندڙ مالي سال دوران واپاري خساري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ج?? ذخيرا وڌي رهيا آهن، روانگي واپار ۾ 4 سيڪڙو اضافو جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف رويني?? جي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 16 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ فيڊرل بورڊ آف رويني?? جي چيئرمين سيد شبر زيدي چيو ته قومي معيشت صحيح رخ ۾ گا??زن آهي ۽ عوام کي ان جا ثمر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تحت قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن قومي روانگي واپار ک?? فروغ ملي ۽ ملڪ ۾ صنعتي، واپاري ۽ اڏاوتي سرگرمين کي وڌائي سگهجي.