اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سي پيڪ تحت جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۽ مستقبل جي منصوبن جي حوال?? سان مشاورتي عمل کي ترجيحي ??ني??دن تي مڪمل ڪيو وڃي، چين مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آ??ي، سي پيڪ منصوبو پاڪ چين مضبوط لاڳاپن جو مظهر آ??ي، سماجي شعبن خ??ص طور تي غربت جي خاتمي ۽ زراعت جهڙن شعبن جي فروغ جي ڏس ۾ چين جي تجربي مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم اهي هدايتون پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي جي حوال?? سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون.