اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي)پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اف??انستان سان پنهنجي تاريخي دوستي وارن ۽ ڀائپي وارن لاڳاپن کي ??ڏي اهميت ڏئي ٿو. اف??انستان ۾ ڪو به گروهه اسان جو فيورٽ ناهي، اسان سڀني سان هڪجهڙي سلوڪ ۽ ورتاءَ جا حامي آهيون. اهڙو اظهار هن اف??ان وولسي جرڳي جي اسپيڪر مير رحمان رحماني جي قيادت ۾ اف??ان پارلياماني وفد سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات د??را?? ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفن، پارلياماني، ملڪي لاڳاپن، گڏيل واپار ۽ خطي جي معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.