اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بن??اد?? حقن، معاشرتي معاملن ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان اسلام حدون تعين ڪري ڇڏيون آهن، انهي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ مسجد ۽ منبر جو ڪردار تمام اهم آهي، مديني جي رياست جي طرز تي معاشري جو قيام اسان جو خواب ۽ نبي اڪرم ﷺ جي سيرت اسا?? جي لاءِ مشعل راهه آهي، اسان کي ??يڇ?? بدران اتحاد ۽ اتفاق کي فروغ ڏيڻ گهرجي، فرانسيسي صدر جو رويو مذمت جي قابل ۽ رياستي سطح تي توهين آميز م??اد جي ڇپائي جي حوصلا افزائي افسوسناڪ آهي، عالمي سطح تي مذهب?? جي احترام جي حوالي سان قانونسازي جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عيد ميلاد النبي صه جي مناسبت سان قومي رحمت العالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.