اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت بلتستان ا??يڪ??ن بابت جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته ا??يڪ??ن ڪميشن سان رجوع ڪري، ??هڙي طرح اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ جون ڳالهيون ٻاراڻي سوچ آهي، ??لاول ڀٽو کي جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي ته پنهنجي عمل ۾ سياست ۾ پختي آڻڻي پوندي، پي ٽي آءِ پهرين حڪومت جنهن ۾ خانداني سياست نه آهي، مخالف ڌر ماضي جي ڪرپشن تي پردو وجهڻ لاءِ وڙهي رهي آهي، ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي کوٽ نه آهي، ??خيرو حدف موجب آهي، هو ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته معاشي اشارا مثبت رخ ۾ وڃي رهيا آهن، اسٽاڪ ايڪسچينج غير ملڪي سيڙپڪاري لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ سميت هر شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي، وزيراعظم جو هدف آهي ته روزگار جا موقعا پيدا ٿين، ملڪ ۾ خوشحالي اچي ۽ حالتون بهتري طرف گامزن ٿين، هن چيو ته ڪووڊ -19 جي ٻي لهر اچي چڪي آهي، ??ن ۾ اسان کي بهتر احتياط ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ نه آهي، ??خيرو هدف موجب آهي، ڪٿي به کوٽ جي شڪايت نه آهي، 42 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي، 19 لک ٽن ڪڻڪ رستي ۾ آهي.